رحيم بخش جمالي

رحيم بخش جمالي

رحيم بخش جمالي

رحيم بخش جمالي: سياستدان رحيم بخش جمالي 1951ع ۾، ڳوٺ يار محمد، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. هن جا وڏا بلوچن جي رمنداڻي پاڙي مان هئا، جيڪي بلوچستان جي تعلقي اوستا محمد مان 02-1901ع ڌاري ڳوٺ بالو جا قبا ديهه 23 داد ۾ اچي آباد ٿيا هئا ۽ اتي اچي زمين ورتي، اتي يار محمد جمالي نالي هڪ ڳوٺ آباد ڪيائون. رحيم بخش پرائمري تعليم ڳوٺ يار محمد مان حاصل ڪئي. اٺون درجو نوابشاهه اسڪول مان ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان پاس ڪيائين. 1968ع ۾ ذوالفقار ڀٽي جي شخصيت کان متاثر ٿي سپاف ۾ شامل ٿيو. 74-1973ع ۾ سنڌ لا ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو صدر چونڊيو ويو. هي سپاف سنڌ جو صدر ۽ آل سنڌ لا ڪاليجز يونين جو صدر پڻ ٿيو. 1976ع ۾ وزارت خارجه ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري مقرر ٿيو. مارشلا کان پوءِ پهريون دفعو جنرل ضيا، جي. ايڇ. ڪيو مان Banquet هال ۾ خطاب ڪرڻ آيو ته جيئي ڀٽو جو نعرو هڻڻ تي کيس وزارت خارجه مان ڪڍيو ويو. 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ واري فيصلي خلاف نوابشاهه ۾ سخت احتجاج ڪرائڻ ڪري گرفتار ٿيو. آزاد ٿيڻ بعد ضيا طرفان اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي ٻيهر گرفتار ٿيو. 1981ع ۾ ايم. آر. ڊي دوران احتجاج ڪندي بک هڙتال ڪئمپ تان گرفتار ٿيو. کيس ملٽري ڪورٽ طرفان 6 مهينا قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ڏني وئي. مارشل لا ۽ جوڻيجي دؤر ۾ 11 دفعا جيل ويو. 1986ع ۾ بينظير ڀٽو جي واپسيءَ دوران ضلعي نوابشاهه جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو 1988ع ۾ پي. ايس 15 تي چونڊ وڙهيو ۽ شوڪت شاهه کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿيو ۽ ٻه سال جيل ۾ رهيو. پارٽيءَ جي ٻن گروپن ۾ ورهائجڻ ڪري مرتضيٰ ڀُٽي جي واپسيءَ بعد پيپلز پارٽيءَ (شهيد ڀُٽي گروپ) ۾ شامل ٿيو، انٽرنيشنل هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان جو چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي صوبائي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. نوابشاهه ۾ 1980ع ۾ اين. اين. ٽي نالي نوجوانن جي تنظيم جو بنياد رکيائين، جنهن جو مقصد سماجي براين خلاف مقامي سطح تي آواز اٿارڻ هو. 1986ع ۾ شهري اتحاد جو بنياد وڌائين ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. اپريل 1989ع ۾ نوابشاهه ۾ لساني جهيڙي ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪرفيو لڳو، جنهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻن ڏينهن بعد آزاد ٿيو.
سٺو وڪيل هو. وڪالت سندس گذرمعاش جو ذريعو هئي. کيس 18 آگسٽ 2012ع تي نوابشاهه جي هڪ مسجد ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري زخمي ڪري وڌو ۽ 20 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪيائين.


لفظ رحيم بخش جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو